اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ قائم نجي اسڪول تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آه?? ته قوم جي ڌيئرن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي فوري نشا??ده?? ۽ سزا يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آه??. وزيراعظم حملي ۾ اسڪول جي تباهه ٿيل حصي کي فوري طور ت سرڪاري خرچ تي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڇوڪرين جي تعليم کي روڪڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم جي ڌيئرن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان باصلاحيت ڌيئرن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ انهن کي ترقي جا هڪ جهڙا مو??عا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور سگهه سان ڪوشش ڪري رهيا آه??ون.