بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چائنا ٿري گارجز ڪارپوريشن (سي ٽي جي) جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ۽ چائنا ٿري گارجز انٽر??يش??ل لميٽيڊ (سي ٽي جي آءِ) جي چيئرمين وو شينگ ليانگ بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم پاڪستان حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا تي روشني وڌي ۽ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري خاص طور تي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ ??اب?? تجديد توانائي جي شعبن ۾ موقعن جو هڪ ??ائ??و پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ڪروٽ ۽ جهمپير سميت پاڪستان ۾ چائنا ٿري گارجز ڪارپوريشن جي ??اب?? تجديد توانائي جي منصوبن کي ساراهيو. هن چيو ته ??اب?? تجديد توانائي پاڪستان ۾ نئين حڪومت جي ترجيحي شعبن ۾ شامل آهي. نائب صدر چائنا ٿري گارجز ڪارپوريشن پاڪستان سان ٿري گارجز ڪارپوريشن جي مسلسل وابستگي جو ورجاءُ ڪيو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪوهالا ۽ محل هائيڊرو پاور پراجيڪٽس جهڙن جاري منصوبن جي تڪميل ۾ تيزي آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.