اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صنعتي ترقي ۽ روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا، بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي لاءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرا??ي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ صنعتي شعبي کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ڪالهه ج??عي ڏينهن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي و??يراعظم چيو ته صنعتي ترقي ۽ روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن جو تر??يحي بنيادن تي حل ڳوليو وڃي. وزيراعظم برآمدي شعبي جي صنعتن جي لاءِ ٽيرف ريشنلائيزيسن جي حوالي سان حڪمت عملي فوري طور تي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته برآمدي شعبي جي صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي لاءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي صنعتن ۽ گهريلو صارفين کي فراهم ڪئي ويندڙ بجلي جي اگهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني و??ي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي و??ير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي و??ير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين، پاور واري وفاقي و??ير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي و??ير مصدق ملڪ، مملڪتي و??ير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.