اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان توانائي واري وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ ۽ ڪ??مير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقاتون ڪيون، صدر ديامير ڀاشا ڊيم جي 1500 م??اث??ين کي في ڪس 47 لک رپين جو معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پر??س ونگ پاران ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، صدر هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت سهولت پروگرام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي گورنر ۽ گلگت بلتستان ڪائونسل جي ميمبرن صد?? کي علائقي کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو هو ۽ صدر ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن جي خاطري ڪرائي هئي.