آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش ۽ گڏيل عزم سان اڳتي وڌي رهيا آهن. پنهنجي ايڪس اڪائونٽ (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي وزيراعظم پوسٽ ??يئ?? ڪندي چيو ته آستانه ۾ ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي روسي فيڊريشن جي ص??ر ولادي مير پيوٽن سان خوشگوار ميٽنگ ٿي.
اسان گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻ??رفي تع??ون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانسواءِ اسان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ بحث ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آستانه قازقستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هو شنگهائي تع??ون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) ۽ ايس سي او پلس اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو. ??ڏه?? ته هن اجلاس کان اڳ سائيڊ لائين ملاقاتن ۾ روس جي ص??ر ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪئي.