اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وفاقي گادي واري شهر ۾ قبضن جي خاتمي، شهري ۽ ڳوٺاڻي زمين جي ترقي ۽ شهرين جي شڪا??تن جي ازالي لاءِ موثر نظام جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ڪيڊ واري وزارت کي هدايت ڪ??ي آهي ته سي ڊي اي ??ي حقيقي طور تي جديد ۽ عوام دوست ادارو بڻائڻ جي لاءِ ان ڏس ۾ تجويزون ۽ انهن تي عملدرآمد جي نظام تي ٻڌل ٺوس پريزنٽيشن پيش ڪئي وڃي. هن اها ڳالهه هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جنهن ۾ کيس سي ڊي اي جي معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي.