اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نش??يات، قومي ور??ي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور احتجاج جو صحيح طريقو نيٺ اختيار ڪري ورتو، مهذب معاشرن ۾ احتجاج پرامن ئي هوندو آهي ۽ ڪم به هلندو رهندو آهي، زندگي مفلوج نه ٿيندي آهي. علي امين گنڊاپور جي بيان تي تبصرو ڪند?? اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پار??ن 10 مهينن ۾ پهريون ڀيرو احتجاج جو صحيح انداز اختيار ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، ڪاش هو 26 نومبر ۽ 9 مئي تي به چڙهائي ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪرڻ بدران ائين ئي ”اوو اوو“ ڪري احتجاج ڪن ها. هن چيو ته قوم ڄاڻي ٿي ته انتشار، فساد، جلاءُ گهيراءُ توهان جو شيوو آهي.