اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلو انتهائي دليراڻي انداز ۾ اجاگر ڪيو، مظلوم ڪشميري عوام مدد جي لاءِ پاڪستاني ڀينرن ??ائ??ن طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستاني قيادت ۽ عوام ڪشميرين جي زخم کي پنهنجي جسم تي محسوس ڪري ٿي، پنهنجي آزادي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ رت جي آخ??ي ڦڙي تائين وڙهنداسين، والاريل ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني ڏاڍ جي خاتمي جو ڏينهن اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشميري ڀينرن ??ائ??ن سان يڪجهت?? جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.