اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم نواز جا ميڊيا تي الزام ۽ ڌمڪيون انهن جي اظهار راءِ جي آزادي جي دعوائن جي ڪوڙ ۽ ٻهروپ جو ثبوت آ??ي، ان کي اها ئي ميڊيا سٺي لڳندي آهي جيڪي انهن جا گيت ڳائي، سندس والد جي حڪومتي دور ۾ قوم هڪ اخبار جو ڪجهه صفحن تي اچڻ به اڃان تائين ناهي وساريو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان تحريڪ ان??اف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي، آئيني ۽ جمهوري حق تي ڪامل يقين رکي ٿي.