اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي کان عام ماڻهو جي متاثر هجڻ جو پتو آهي، معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد لاءِ حڪومت ٽارگيٽڊ سبسڊيز ڏئي رهي آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ احساس ??رو??رام تحت معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي فراهمي جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس ??رو??رام تحت غربت جو شڪار خاندانن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز فراهم ڪرڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي عام ماڻهو کي مهگائي سبب درپيش مشڪلاتن جو احساس آهي ان لاءِ معاشري جي ڪمزور طبقن کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز فراهم ڪئي ويندي،
وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان، صحت سهولت ڪارڊز، احساس ??رو??رام موجوده حڪومت جا نمايان منصوبا آهن جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز حاصل ڪرڻ جي باري ۾ طريقڪار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جامع آگاهي ??رو??رام شروع ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته احساس ??رو??رام نيشنل بئ??ڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان هڪ موبائيل ايپ تيارڪ ئي آهي جنهن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ احساس ??رو??رام تحت مستحقين کي ضروري شين ۽ سستي ??گهه تي فراهم ڪيون وڃن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته احساس ??رو??رام تحت ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ طريقيڪار واضح ڪيو ويو آهي،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، اطلاعات ?? نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل کانسواءِ اسٽيٽ بئ??ڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بنئڪ جو صدر ۽ سينئر عملدار موجود هئا.