اسلام آباد – 26 – ڊ??مب?? (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ??اڻ??ن بابت بيانيي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ??اڻ??ن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام جو دورو ڪيو ۽ ڊائون سنڊروم کان متاثر ??اڻ??ن کي معاشري ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪوششن کي ساراهيو. خاتون اول خاص طور تي شروعاتي سالن ۾ خاندان جي مدد ۽ انهن جي شموليت جي ضرورت تي پڻ ڳالهه ڪئي. هن خصوصي ??اڻ??ن کي قومي معيشت ۾ ضم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ??ه جيئن انهن جي تشخص کي تبديل ڪري سگهجي. خاتون اول لرننگ سينٽر ۾ ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڊائون سنڊروم جي شڪار ??اڻ??ن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪي ڊي ايس پي جي ڪم کي ساراهيو. ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام هڪ غير منافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جيڪا ٻارن ۽ ڊائون سنڊروم جي شڪار ??اڻ??ن جي سارسنڀال جي طريقيڪار جي نئين سر وضاحت جي لاءِ وقف آهي. اها تنظيم گذريل 8 سالن کان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ڊائون سنڊرم جي شڪار ??اڻ??ن کي هڪ ٺوس معاشري ۾ آزاد ۽ پيداواري زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي.