اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان توانائي واري وفاقي وز??ر عمر ايوب خان هتي ملاقات ڪئي، توانائي واري وز??ر انڊسٽريل پيڪيج، توانائي ۽ پيٽروليم بابت معاملن تي وز??راعظم کي بريف ڪيو. وز??راعظم ميڊيا آفيس موجب هن چيو ته صنعتي شعبي کي رعايتي اگهن تي بجلي جي فراهمي جي حڪومتي ??يص??ي جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، وز??راعظم ڪاروباري طبقي پاران بجلي ??ي اگهن جي حوالي سان حڪومتي ??يص??ي جي آجيان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي معيشت ??ي استحڪام لاءِ انڊسٽري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت ??ي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.