اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وز??ر شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين بند رهندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوريءَ تائين سياري جون موڪلون ٿينديون. اهڙي ريت ڪي به تعليمي امتحان جيڪي رٿيل هئا، نه ٿيندا. جڏهن ته ووڪيشنل سينٽرز کليل رهندا ۽ انٽري ٽيسٽ ۽ نوڪرين لاءِ امتحانن جي اجازت هوندي، يونيورسٽيون ۽ سمورا تعليمي ادارا آن لائين تعليم ڏيندا. يونيورسٽين جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي. اهڙو فيصلو تعليم واري وفاقي وز??ر شفقت محمود جي صدارت ۾ تعلمي وارن صوبائي وزيرن جي اين سي او سي ۾ ٿيل اج??اس ۾ ڪيو ويو. اج??اس کان پوءِ وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊا??ٽر فيصل سلطان سان گڏ شفقت محمود تفصيلن کان آگاهه ڪيو.