اسلام آباد – 15 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اوگرا پاران پيٽروليم مصنوعات ۾ تج??يز ڪيل اضافي جي تج??يز رد ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس ??ان جاري بيان موجب اوگرا پاران پيٽرول جي قيمت ۾ 14.07 ??وپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 13.16 روپيا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 10.97 روپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7.43 روپيا اضافو تج??يز ڪيو ويو هو. عوامي ڀلائي ۽ ترقي کي نظر ۾ رکندي وزيراع??م پيٽروليم مصنوعات ۾ اضافي جي تج??يز منظور نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر حد تائين ويندي.