اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان روم ۾ قائم گڏيل قومن جي خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم خوراڪ واري عالمي اداري جي ان ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو هو هنگامي حالتن ۾ عالمي انساني همدردي جي ادارن کي خوراڪ جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف مل??ن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورت??ال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاڻ وٽ هتي هلندڙ خوراڪ واري عالمي اداري جي مختلف منصوبن مان مستفيد ٿيندو رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان خوراڪ واري عالمي اداري سان حصيداري جي قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي وچ ۾ ملاقات ۾ اف??ان??تان ۾ پيدا ٿيندڙ صورت??ال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم اف??ان??تان ۾ جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي اف??ان??تان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنهن جي نتيجي ۾ اف??ان??تان ۾ ڪنهن به انساني الميي کان بچي سگهجي ٿو ۽ مل?? ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام پاران اف??ان??تان ۾ خوراڪ جي مدد لاءِ پاڪستان جي سهولتي ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن اف??ان??تان جي عوام کي انساني همدردي تحت مدد جاري رکڻ جي طريقن تي وزيراعظم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.