اسلام آباد – 13 211; سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي چوٿين پارلياماني سال جي شروعات تي حڪومت جي 3 سالا ڪارڪردگي، درپيش چئلينجز ۽ اڳتي جي حڪمت عملي 22 ڪروڙ عوام آڏو رکي، صدر پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي، افغانستان ۾ امن ۽ ڪشمير جي اڻٿڪ حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو، صدر جي تقرير دوران شهباز ش??يف ۽ بلاول جي موجودگي ۾ مخالف ڌر ميمبر نعريبازي ڪندا رهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر جو گوڙ ۽ واڪ آئوٽ معمول جي سرگرمي ??هي جنهن جو مقصد ”آئون نه مڃ??ن“ کانسواءِ ڪجهه نه آهي، مخالف ڌر هڪ ڀيرو ٻيهر قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني.