اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) شوڪت ترين کي وزيراعظم جو ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اسٽيبلشم??نٽ ڊويزن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان جي تجويز تي آئين جي آرٽيڪل 93 جي ڪلاز ون جي تحت پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪندي شوڪت ترين جي ناڻي واري صلاحڪار طور مقرري جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ اسٽيبلشم??نٽ ڊويزن پاران باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار جو ??هدو وفاقي وزير جي برابر هوندو.