اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لا??ِ وڪيل برادري رهنمائي ڪري، با?? ايسوسيئيشنز سياسي پارٽين کي وڏن سڌارن تي ويجهو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ??يو??، چونڊ سڌارن، نيب آرڊيننس سميت ٻي اهم قانونسازي ۾ وڪيل ۽ با?? ايسوسيئيشن جي ڪردار جي آجيان ڪنداسين، نيب آرڊيننس کي چئلينج ڪرڻ بدران سڌارا تجويز ڪن، بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ وڪيل پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا، ان ڪردار کي قومي معاملن ۾ به اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ با?? ايسوسيئيشن جي صدر احسن ڀون جي قيادت ۾ نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? معاشري ۾ قانون جي بالادستي جي لا??ِ وڪيل برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهڻ گهرجي، با?? ايسوسيئيشنز کي عدليه ۾ التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ لا??ِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافت?? معاشرو قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسان وڪيل برادري کي درپيش مسئلا حل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته وڪيل برادري جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سپريم ڪورٽ با?? ايسوسيئيشن جي عهديدارن کي تازين چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.