اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي آئيسڪو کي 2 لک 84 هزار جي بنا جو??ز بل واپس وٺڻ جو حڪم برقرار رکندي هدايت ڪئي آهي ته جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث بئنڪ ۽ آئيسڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ايوان صدر جي پر??س ونگ موجب صدر دير سان اپيل ??مع ڪرائڻ تي آئيسڪو جي درخواست رد ڪري ڇڏي، آئيسڪو 6 بجلي صارفين کي 3 سال پراڻا بل ٻيهر جمع ڪرائڻ جو چيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئيسڪو کي هدايت ڪئي ته اها بنا جو??ز بل واپس وٺي ۽ جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صارفين ٻيهر بل موڪلڻ جي آئيسڪو جي بدانتظامي جي خلاف وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو هو جنهن تي وفاقي محتسب بل واپس وٺڻ ۽ عملدارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، آئيسڪو وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي هئي. ڪيس جي تفصيل موجب شڪايت ڪندڙن سيد امير حسين شاهه، وقار حسين، ڪوثر زمان ڪياني، محمد صفدر هيات، سهيل ??حمد ۽ محمد اصغر خان موقف اختيار ڪيو ته آئيسڪو ان حقيقت جي باوجود انهن کي هن سال جنوري ۽ فيبروري ۾ بنا جو??ز بل موڪليا جڏهن ته هو اهي بل ٽي سال اڳ ئي ادا ڪري چڪا آهن. شڪايت ڪندڙن ان پر??شان ڪندڙ صورتحال جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو. تفصيل موجب بجلي صارفين بل 3 سال اڳ جمع ڪرائي چڪا هئا، صارفين وٽ بل جمع ڪرائڻ جي بئنڪ جون سيدون پڻ موجود هيون، بئنڪ صارفين يو بي ايل ??ومني جي ذريعي بل جمع ڪرايا، ڊيٽا ۾ رقم ادا ڪرڻ جا ثبوت موجود هئا، بئنڪ صارفين جي جمع ڪيل ??قم اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي نه موڪلي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته بئنڪ پاران غلي جو ذميوار صارفين کي نه قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ رقم آئيسڪو کي موڪلڻ بئنڪ ۽ اداري جي وچ جو معاملو آهي. صدر وفاقي محتسب جو فيصلو برقرا رکندي چيو ته آئيسڪو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ان جو اسٽاف ۽ بئنڪ اسٽاف جعلسازي ۾ ملوث هو، جعلسازي ثابت ٿيڻ تي ملوث بئنڪ ۽ آئيسڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.