فيصل آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته حڪومت احساس پروگرام جي لاءِ 250 ارب رپيا رکيا آهن، اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، ملڪي ترقي جي لاءِ عورتن جو پڙهيل لکيل هجڻ ضروري آهي، چاهيون ٿا ته پڙهي لکي عورتون قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب رحمت للعالمين ﷺ اسڪالرشپ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، اسان چاهيون ٿا ته مردن وانگر عورتون پڙهي لکي قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??يو ته سمورا تعليمي وظيفا ميرٽ تي ڏنا پيا وڃن، اسڪلز فار آل تحت سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي فني تربيت ڏني پئي وڃي. هن ??يو ته موجوده حڪومت جي د??ر ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي. فرخ حبيب ??يو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ نوجوانن کي قر?? ڏنا پيا وڃن ۽ نوجوان بنا گارنٽي جي 10 لک تائين جو قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. هن ??يو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن، ان پروگرام تحت 28000 ماڻهن کي اربين رپين جا قرض جاري ڪيا ويا آهن. هن ??يو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوان گهر ويٺي روزگار حاصل ڪري سگهن ٿا. فرخ حبيب ??يو ته موجوده حڪومت جي د??ر ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار 2 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، عورتن جو مجموعي ملڪي ترقي ۾ بنيادي ڪردار آهي.