اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم ??فدر جهڙن ماڻهن ڪڏهن پنهنجي پئسن سان خريداري ڪئي هجي ته کين خبر هجي ته مهانگائي ڇا کي چوندا آهن، پوري دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ان حقيقت کي ختم نٿو ڪري سگهجي، خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ ن ليگ ??خري نمبر تي آهي، ان تي ندامت ٿيڻ گهرجي. مريم ??فدر جي بيان ۾ پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪي پي ڪي بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي هڪ هڪ سيٽ تي درجنين پارٽي ڪارڪنن جي دلچسپي جون درخواستون مليون، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير وانگر ن ليگ کي ڪي پي ڪي جي بلدياتي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست ٿي آهي، هن چيو ته ڪاش مريم ??فدر اڄ ڪي پي ڪي جي اليڪشن ۾ شڪست کي کلي دل سان تسليم ڪري ها، هن چيو ته عمران خان کي 2018ع جي اليڪشن ۾ 5 سالا حڪومت جو مينڊيٽ عوام ڏنو آهي، پنهنجو مدو مڪمل ايندڙ اليڪشن ۾ به ڪلين سوئيپ ??اء?? پرعزم آهيون. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ته عدالتي ڀڳوڙو آهي، همت هجي ها ته ائين علاج جو بهانو بڻائي فرار نه ٿئي ها، ن ليگ ??قسيم ??ر تقسيم ٿي چڪي آهي، پهرين پارٽي قيادت جو فيصلو ڪري وٺو، شهباز شريف متحرڪ ٿئي ٿو ته مريم ??فدر ٻن مهينن جي آرام تي هلي ويندي آهي.