اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب رياض المالڪي جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي پرڏيهي و??يرن پاڪستان ۽ فلسطين جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، فلسطين جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي، عالمي معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي و??ي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان فلسطين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. فلسطيني پرڏيهي و??ير فلسطين جي موجوده صورتحال کان پرڏيهي و??ير کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام پاران فلسطين جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ يڪ??هتي جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي فلسطين مسئلي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرايو ۽ ان پراڻي مسئلي جي جلد منصفاڻي حل جي مطالبي تي زور ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي، پاڪستان فلسطين جي حوالي سان پنهنجي اصولي ۽ واضح موقف تي قائم آهي. هن چيو ته فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي پاڪستاني عوام جي جذبن جي ترجمان آهي. فلسطيني پرڏيهي و??ير فلسطين ۾ جنگبندي جي لاءِ پاڪستان جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.