اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات تمام گهڻي سٺي رهي، اسان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳ??پن کي نئي ۽ بلند ترين سطح تي وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون ??ندس بصيرت انگيز قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سعودي عرب پارا?? سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ ۽ سعودي عرب جي دوري دوران والهاڻي استقبال تي ان جو ٿورو ادا ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ نون ??ستن ۽ طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.