اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي مولانا فضل الرحمان جي شاندار آجيان ڪئي. مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ گڏيل دانش ۽ ڪوشش ملڪ ۽ قوم کي مشڪل مان ڪڍيو آه??. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف جي عوامي خدمت ۽ مسئلن جي حل جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته توهان ايندي ئي قوم کي ڏيکاري ڇڏيو آه?? ته ان جو خادم ڪيئن ڪم ڪندو آه??. هن وزيراعظم کي يقيني ڏياريو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀل??ئي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون ۽ مدد توهان سان گڏ آه?? ۽ رهندي. ٻنهي اڳواڻن اهم سياسي معاملن ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ بابت معاملن تي مشاورت پڻ ڪئي.