اسلام آباد – 26 – اپريل (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچين ٽرنر سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، برطانيه جي هاءِ ڪمشنر مريم اورنگزيب کي اطلاعات واري وزارت جو م??صب سنڀالڻ تي ??بارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان ۾ سگهه لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن، ڊ??يٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفي سفارتي ??اڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته فيڪ نيوز پاڪستان سميت پوري دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر اطلاعات واري وزير کي پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتي ??اڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته يوم آزادي 14 آگسٽ تي ??اڪستان ۽ برطانيه جي سفارتخانن ۽ لنڊن ۾ خصوصي تقريبون ٿيند??ون. هن چيو ته پاڪ برطانيه لاڳاپا 75 سالن ۾ مسلسل فروغ ورتو، مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آه??ون. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا گڏيل احترام، وسيع علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ??ڪجهڙي تصورن تي ??ڌل آهن، اسان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.