اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏي??دي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. عيد تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ ۾ بابرڪت سعادتن ۽ رحمتن ??انپوءِ الله تعاليٰ عيد جو انعام عطا فرمايو آهي، جيڪو رب ڪريم جي بي پناهه عنايتن جو اظهار آهي. هن چيو ته صبر، ايثار ۽ قرباني جي ان مقدس مهيني اسان ک?? ٻين جي تڪليفن جو جيڪو احساس عطا ڪيو آهي، ان جي گهرج آهي ته عيدالفطر جون خوشيون ملهائيندي اسان پنهنجي ڀرپاسي سمورن لاچار ۽ ضرورتمند ماڻهن ۽ خاندانن جو خاص خيال رکون اهو هن ڏي??هن جي حقيقي روح ۽ نبي رحمت خام النبين ﷺ جو پيغام آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت قوم کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. عيدالفطر جا ٽي ڏي??هن لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن اهل وطن عيد جون خوشيون ڀرپور انداز ۾ ملهائي سگهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عيدالفطر جي خوشين ۽ اڳ کان مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جي تڪليف کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو ويو، منهنجو پنهنجي قوم سان واعدو آهي ??ه اسان جو هر ڏي??هن، هر پل ۽ هر صلاحيت توهان جي زندگين ۾ آساني آڻڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي، هر ايندڙ ڏي??هن سان گڏ توهان م??سوس ڪندا ته توهان جي حڪومت جي محنت جي نتيجي ۾ توهان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. وزيراعظم چيو ??ه اڄ جي خوشين جي هن ڏي??هن اسان پنهنجي فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي محڪوم مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ياد ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ??ه الله تعاليٰ انهن کي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ آزادي جي نعمت سان سرفراز فرمائي. هن چيو ??ه اسان پنهنجي افغان عوام جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيون.