اسلام ??باد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي خوشحال بڻائينداسين، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو فيصلو دل تي پٿر رکي ڪيو آ??ي پر ان سان گڏوگڏ 8 ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ 28 ارب رپين جي سبسڊي جو پڻ اعلان ڪيو ويو، بلوچستان ۾ پرامن بلدياتي چونڊون انتهائي حوصلي جوڳي خبر آهي، ان مان ثابت ٿيو آ??ي ته صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ عوام ??مهوري نظام ??ي يقين رکي ٿي، محمد نواز شريف محنت ۽ لگن سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ محنت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مانسهره ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي منعقد وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ايئرپورٽ ۽ 45 ڪلوميٽر ڊگهي مانسهره مظفرآباد موٽروي منصوبن سميت ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مريم نواز شريف، سينيٽر پرويز رشيد، انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مرتضيٰ جاويد عباسي، اڳوڻو وڏو وزير مهتاب عباسي، سردار محمد يوسف سميت ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ٻيون شخصيتون پڻ موجود هيون. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڪيپٽن (ر) محمد صفدر سرانجام ڏنا. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ پهريون ڀيرو هزاره موٽروي تان سفر ڪري هتي آيو آ??يان، اڄ سفر ڪندي هر لمحي محسوس ڪيو ته محمد نواز شريف پاڪستان ۾ ڪيڏي شاندار موٽروي تعمير ڪئي آهي. ان کان اڳ سکر ملتان موٽروي 2016ع ۾ شروع ٿي ۽ ان کي پنهنجي ??ڪو??ت جي دور ۾ مڪمل ڪيو، هي اهي عظيم منصوبا آهن جيڪي پاڪ چين اقصادي لنگهه تحت مڪمل ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسلام ??باد مري ايڪسپريس وي تان گذرندي احساس ٿئي ٿو ته نواز شريف ڪهڙي طرح محنت ۽ لڳاءُ سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ محنت ڪئي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ موقعو ڏنو ته پشاور کي لاهور ۽ پوري خيبرپختونخواهه کي پنجاب وانگر ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين پر ان جي لاءِ خيبرپختونخواهه جي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا اها هڪ اناپرست، ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائيندڙ، غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ڪندڙ ۽ فتنو ۽ تخريب ڪندڙ عمران خان يا ملڪ ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪندڙ محمد نواز شريف جي چونڊ ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو پر ڪنهن کي هڪ نوڪري نه ملي، ان جي دور ۾ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿيا، عوام ??ان 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو ويو هو پر ان جي دور ۾ ملڪ ۾ هڪ سرهه به نه لڳي، آئون توهان سان واعدو ڪريان ٿو ته پاڪستان کي خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائيند??. و??يراعظم چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو ويو آ??ي پر ان سان گڏوگڏ 8 ڪروڙ غريب ماڻهن جي لاءِ 28 ارب رپين جي سبسڊي جو پڻ اعلان ڪيو ويو آ??ي. عمران خان پنهنجي ??ڪو??ت جي آخري ڏينهن ۾ تيل جي قيمتن کي ان وقت گهٽ ڪيو جڏهن دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌي رهيون هيون، ان کي (عمران خان) کي خبر هئي ته کيس آئيني طريقي سان ڪڍيو پيو وڃي ان لاءِ هن اسان جي لاءِ ڄار وڇايو. وزيراعظم چيو ته کيس عوام ??ي تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو احساس آهي. زرتلافي جو اعلان انهي ڏس ۾ ڪيو ويو آ??ي، 28 ارب جي پئڪي?? تحت 8 ڪروڙ ماڻهن کي ٻه هزار رپيا ماهوار جي سبسڊي ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته هن ٻه هفتا اڳ چيو هو ته جيڪڏهن خيبرپختونخواهه جي ??ڪو??ت اٽي جي قيمت گهٽ ڪئي ته ٺيڪ آهي ٻي صورت ۾ اسان ان کي گهٽ ڪنداسين. ان جو اڃا تائين اسان کي جواب ناهي مليو، سڀاڻي کان خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ ۾ 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 400 رپين ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي دستياب هوندو. منهنجي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي درخواست آهي ته هو پنهنجي صوبي جي غريب عوام ??ي لاءِ ڪوشش ڪري. وزيراعظم چيو ته هو ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي خوشحال بڻائيندا. وزيراعظم مانسهره ۾ ميڊيڪل ڪاليج، هزاره جي لاءِ جدا اليڪٽرانڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ مانسهره جي لاءِ هڪ ارب رپين جي ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿيڻ سان هتان جي ٻارن کي پنهنجي علائقي ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملندو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ پرامن ماحول ۾ بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 20 کان 35 سيڪڙو تائين آهي، اها انتهائي حوصلي جوڳي خبر آهي، ان مان ثابت ٿيو آ??ي ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ عوام ??مهوريت نظام ??ي يقين رکي ٿي، ان سان سلامتي جي صورتحال ۾ بهتري جي عڪاسي پڻ ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ هو لائق ۽ ذهين شاگردن جي لاءِ فري ليپ ٽاپ ڏيڻ جو منصوبو آڻيندو.