اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪڇي بلوچستان ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصا?? تي گهري ڏک ۽ افسوس ??و اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مارجي ويلن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽريفڪ حادثي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ زخمين کي جلد صحتياب ڪري.