ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ??ين??ڙ فوت ??ين??ڙن جي وارثن کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده چئلينج تمام وڏو آهي، متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا پهچڻ تي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ??ين??ڙ نقصانن تي بريفنگ دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين ۽ منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، بجلي وارو مملڪتي وزير مير هاشم نوتيزئي، قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي ۽ ا??ن ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪوئيٽا پهچڻ تي وزيراعظم کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ ا??ن ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز بلوچستان ۾ تازين برساتن جي نقصانن ۽ ا??دادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوت ??ين??ڙن جي وارثن کي معاوضي جي رقم 24 ڪلاڪن جي اندر ادا ڪرڻ ۽ جزوي يا مڪمل تباهه ??ين??ڙ ڪچن ۽ پڪن گهرن جي معاوضن کي به گڏ ڪري ۽ وڌائي 5 لک ر??يا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جو قومي الميو آهي ته ڊيمن جي وقت سر تعمير تي ڌيان نه ڏنو ويو، موجوده چئلينج تمام وڏو آهي پر اسان متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته بحالي ۽ ا??داد جي لاءِ اين ڊي ايم اي، صوبائي انتظاميا ۽ ا??ن ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس جو ڄار وڇايو وڃي. وزيراعظم چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو. قيمتي انساني جانين جي نقصان سان گڏ انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن، جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي حڪومت سک سان نه ويهندي. وزيراعظم مقامي ۽ عالمي تنظيمن کي به ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ حڪومت جي مدد جي اپيل ڪئي. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ ا??ن ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز بريفنگ ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته 13 جون تي برساتن جون پري مون سون سلسلو شروع ٿيو، 30 سالن جي سراسري جي ڀيٽ ۾ بلوچستان ۾ اٽڪل 500 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هيستائين بلوچستان ۾ فوتگين جو ڪل انگ 136 آهي، جڏهن ته 70 ماڻهو زخمي آهن، 1100 م??ڻهو معمولي زخمي ٿيا جن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي، 2 لک ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، 20 هزار 500 م??ڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو، موٽروي ايم 8 ۽ ڪوئيٽا ڪراچي قومي رستو وڏي حد تائين بحال ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بلوچستان جي دوري تي لاهور کان ڪوئيٽا پهچڻ تي هوائي اڏي تي بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو استقبال ڪيو جڏهن ته صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.