چيچه وطني – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پوري پاڪستان وانگر ساهيوال ۾ پڻ 5 آگسٽ جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويند?? جنهن جي شروعات سمورين سرڪاري آفيسرن ۾ صبح 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ سان ٿيندي. ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ ڏا?? جي مذمت ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جي لاءِ صبح 10 وڳي ضلعي ڪائونسل هال ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويند?? جنهن جا شرڪت ڪندڙ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ۽ ڪارا ماسڪ پائيندا. سيمينار کانپوءِ ضلعي ڪائونسل هال کان ڊي سي چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ريلي پڻ ڪڍي ويندي، جڏهن ته ڀارتي ظلم ۽ ڏا?? جي مذمت جي لاءِ هڪ منٽ جي خامو??ي پڻ اختيار ڪئي ويندي.