اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، مٽه سوات ٽرانسميشن لائين جي ٻوڏ سبب ڪري پوندڙ 2 ٽاورز کي ??يهر فعال ڪيو ويو آهي، پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 132 ڪي وي مٽه گرڊ اسٽيشن فعال ٿيڻ ??ان سوات جي هڪ وڏي حصي جي بجلي جي سپلائي بحال ڪئي ??ئي آهي. ٽرائب?? ايرياز اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ٽانڪ جنڊولا سپلائي ??ائين بحال ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? تيمر گره باجوڙ لائينز بحال ٿيڻ کانپوءِ منڊا ۽ باجوڙ گرڊز مان بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. مدين گرڊ اسٽيشن تي بحالي جو ڪم جاري آهي. 66 ڪي وي جي ڳڙهي خيرو گرڊ اسٽيشن فعال ٿيڻ ??ان جيڪب آباد جي وڏي حصي کي بجلي جي فراهمي بحال ٿي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي سپلائي جي بحالي جي عمل کي ??اڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان حوالي ??ان ان کي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي ??ئي ??ڃي.