ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون ت??ظي?? جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه م??مد آصف پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.