اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پا??س??ان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته پا??س??ان ?? ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پا??ستاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پا??س??ان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي م??قع?? تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپ??ان بين اسٽوڪس ۽ پا??س??ان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپ??ان بابر اعظم اطلاعات واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان م??قع?? تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پا??س??ان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته پا??س??ان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ بهترين ۽ محفوظ جڳهه آهي، پا??س??ان حڪومت انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پا??س??ان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان م??قع?? تي برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپ??ان بين اسٽوڪس بهترين مهمان نوازي تي پا??س??ان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پا??س??ان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پا??س??ان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپ??ان بابر اعظم انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پا??س??ان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ بهترين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.