اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر ??خت??ر هوندي آهي، پنهنجي موقف جي تصديق تي الله جي آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو، ٽن سالن تائين عمران خان منهنجي ڪردارڪشيءَ ڪئي هر حد پار ڪئي، بي بني??د الزامن سان منهنجو ۽ منهنجي خاندان جو مذاق اڏايو ويو، فتح سچائي جي ٿيندي آهي. ڊيلي ميل پاران غلط خبر ڇاپڻ تي معذرت تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان ۽ ان جي حوارين مسلسل ٽي س??ل منهنجي ڪردارڪشيءَ جي هر حد پار ڪئي، انهن کي ان مهم دوران اهو خيال به نه آيو ته ان جي ان ڪڌي مهم سان ملڪ جي س??ک کي نقصان پهچندو ۽ ان جا دوست ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيندا. وزيراعظم چيو ته مون تي ۽ منهنجي خاندان تي بي بني??د الزام هنيا ويا پر مون کي الله تعاليٰ جي ذات تي پورو ڀروسو آهي رڳو اهو ئي ان جو ڪوڙ بي نقاب ڪري سگهي ٿو. غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر ??خت??ر هوندي آ??ي فتح سدائين سچائي جي ٿيندي آهي ۽ ڊيلي ميل جي خبر اهو ثابت ڪيو آهي.