اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪلنڪر ڍنڍ عمرڪوٽ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي واقعي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ?? انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي حفاظتي انتظام بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.