اسلام آب??د – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري موريطانيا ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 49 هين اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪش??ير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سعودي عرب، ترڪيءَ، نائجر، آذربائيجان ۽ ڪش??يرين جي حقيقي نمائندي ۽ او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آئي پي ايڇ آر سي) شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير رابطا گروپ کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن وضاحت ڪئي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان جي نتيجي ۾ والاريل علائقي ۾ آب??دياتي تبديلين جي ڪوششن سان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ صورتحال بگڙجي وئي آهي. هن چيو ته غيرڪشمير??ن کي لکين جعلي ڊوميسائيل جاري ڪري ۽ اهڙا قانون ٺاهي جيڪي غيررهواس??ن کي ڀارتي غيرقانوني والاريل خطي ۾ زمين خريد ڪرڻ ۽ رکڻ جي اجازت ڏين ٿا، ڀارت ڪش??ير??ن کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اهي قدم عالمي قانون خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي جيڪي قابض طاقت کي اهڙا قدم کڻڻ کان روڪي ٿو. رابطا گروپ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار تي او آءِ سي جي موقف جي توثيق ڪئي وئي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي سختي سان رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. پڌرنامي ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته عالمي فورمز تي ڪش??ير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ آواز اٿارين ۽ ڪش??يري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڀارت کي جوابده قرار ڏين. رابطا گروپ ڀارت کان ان جي غيرقانوني طور تي والاريل خطي ۾ انساني حقن جي خلاف ورز??ن کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪش??يري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي حل لاءِ قدم کڻڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.