پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 ۽ 10 مئي جي دل ڏکوئيندڙ واقعن پا??ست??ني عوام کي غمگين ڪيو، 9 مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۽ وطن دشمنن ۾ ڪو فرق نه آهي، انهن شرپسندن کي قانون ۽ انصاف موجب سزا ضرور ملندي ته جيئن ڪير ٻيهر اهڙي جرئت نه ڪري سگهي، تاريخي ۽ قومي ورثي کي ساڙي ڇڏڻ حب الوطني نه آهي، ريڊيو پا??ست??ن جي ملا??من جي حوصلي کي داد ڏيان ٿو، اطلاعات واري وزير ر??دي?? پا??ست??ن جي متاثر عمارت جي فوري بحالي جي لاءِ قدم کڻي. هو ريڊيو پا??ست??ن پشاور جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ڊي جي ريڊيو پا??ست??ن طاهر حسن پڻ خطاب ڪيو ۽ ريڊيو پا??ست??ن جي 9 ۽ 10 مئي تي شرپسندن جي هٿان پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن ??ي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏو وزير، اعظم خان، وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله، اسحاق ڊار، احسن اقبال، صلاحڪار امير مقام ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سڀ ريڊيو پا??ست??ن جي تاريخي عمارت کي ڏسي ڏکويل آهيون. هن عمارت ۾ پا??ست??ن ٺهڻ کان اڳ ريڊيو جو سيٽ اپ موجود هو ۽ هتان ئي لاهور وانگر 13 ۽ 14 آگسٽ 1947ع جي وچ واري رات آزادي جون صدائون بلند ٿيون ۽ پوري دنيا کي ان تاريخي مرڪز تان قائداعظم جي عظيم جديد ۽ لکين مسلمانن جي قربانين جي نتيجي ۾ پا??ست??ن جي وجود ۾ اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئي. 9 ۽ 10 مئي دوران جيڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا انهن پا??ست??ن ۾ رهندڙ 23 ڪروڙ عوام کي شديد دلي صدمو پهچايو ۽ ڏک ۽ ڪاوڙ سڄي پا??ست??ن ۾ ڏٺي وئي. هن چيو ته جنهن سينٽر تان پا??ست??ن ٺهڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئي ان کي راک جو ڍير بڻائي ڇڏڻ، ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني نه ٿي ٿي سگهي. ان سان گڏ چاغي جي يادگار کي تباهه ڪيو ويو، يادگار پا??ست??ن جي دفاعي طاقت جو شاهڪار هو جنهن جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي ۽ ان جي انتها 28 مئي 1998ع تي ٿي. ان دوران سمورين حڪومتن ان عظيم دفاعي پروگرام جي لاءِ پنهنجو حصو وڌو. وسيلا ۽ توانائيون مهيا ڪيون. هڪ عزم سان ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ۽ انهن سمورين گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ پا??ست??ن ائٽمي طاقت بڻيو ۽ قيامت تائين دشمن پا??ست??ن طرف ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي. ان يادگار کي تباهه ڪيو ويو. اها ملڪ دشمني آهي. هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن پشاور تان پا??ست??ن جي خوشخبري ٻڌائيندڙ ظهور اظهر، مصطفيٰ همداني جهڙا ماڻهو تاريخ جي ورقن ۾ سدائين ياد رکيا ويندا. هتي موجود آرڪائيوز کي ساڙيو ويو. دنيا پنهنجي سڃاڻپ ۽ تاريخي ورثن کي جان کان به وڌيڪ ويجهو رکي ٿي ته جيئن ايندڙ نسلون ان مان فيض ياب ٿين ۽ هتي ان ورثي کي ساڙيو ويو. ڪاش اها ڊيجيٽائيز ٿي چڪي هجي پر وقت ساٿ نه ڏنو. صوة القرآن جو حصو بچي ويو جنهن تي الله جا شڪرگزار آهيون. هن چيو ته 100 سالا رڪارڊ ??و تباهه ٿيڻ افسوسناڪ آهي. هن اداري جي ملا??من جي حوصلي کي داد ڏيان ٿو. عبدالله ۽ نصير جهڙي طرح شرپسندن کي روڪيندي زخمي ٿيا انهن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا. اسان جي هٿياربند فوج ۽ عام شهرين سدائين پا??ست??ن جي حفاظت ڪئي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي فوري طور تي ملا??من جي پگهارن جي ادائيگين جا حڪم جاري ڪيا جنهن جو انتظام اڄ ئي ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ان جو دورو نمائشي نه آهي. ان دل ڏکوئيندڙ واقعن کانپوءِ اسان کي اندازو ٿيڻ گهرجي ته جن ماڻهن اهو انتهائي شرمناڪ ڪم ڪيو انهن ۾ ۽ دهشتگردن ۽ پا??ست??ن جي دشمنن ۾ ڪو فرق نه آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اهو وچن ڪريون ٿا ته اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ ڏينداسين. دشمن ??ه ايتري جرئت نه ٿو ڪري سگهي. ان شرپسندي ۾ ملوث عنصرن کي قانون موجب ضرور سزا ملندي. وزيراعظم اطلاعات واري وزير کي چيو ته هو ريڊيو جي عمارت جي مرمت جو ڪم فوري شروع ڪرائي ته جيئن هي ادارو ٻيهر پا??ست??ن ۽ سڄي دنيا ۾ اسان جي عزم ۽ ولولي جو ذڪر ڪري سگهي ته مشڪلاتن جي باوجود اسان قائداعظم جي پا??ست??ن جو خواب ضرور پورو ڪنداسين.