اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ت?? قوم شهيدن جي قربانين کي نه وساريندي ۽ اها سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب صدر شهيدن جي پونئيرن سا?? ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 18 مئي تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي شفيق الرحمان جي وارثن سا?? ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي 24 مئي تي دته خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي جواد خان ۽ سعيدالله جي پونئيرن سا?? پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ت?? قوم شهيدن جي قربانين کي نه وساريندي ۽ اها سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. صدر شهيدن جي ح?? الوطني جي جذبي ۽ فرض سا?? لڳاءُ کي پڻ ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي پڻ دعا ڪئي.