اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جو قدر ڪري ٿي ۽ اها انهن جي قربانين کي سدائي?? ياد رکندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 مئي تي ٽانڪ ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد عتيق ۽ رجب علي جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ڊ??ڪٽ?? عارف علوي شهيدن جي پون??ير?? سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر زرغون بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ظهير احمد جي خاندان سان پڻ رابطو ڪيو ۽ شهيدن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جو قدر ڪري ٿي ۽ انهن جي قربانين کي سدائي?? ياد رکندي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض سان مح??ت کي پڻ ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پون??ير?? جي لاءِ صبر جي پڻ دعا ڪئي.