اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ صنعتن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، پا??ستان ۾ جاپاني ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، پا??ستان ۾ هائبرڊ گاڏين جي پيداوار سان ٻارڻ جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس ??ار??ن جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ٽويوٽا ايشيا جي صدر يوشيڪي ڪونيشي ۽ انڊس موٽرز جي سي اي او علي اصغر جمالي سان ڳ??له??ئيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پا??ستان ۾ جاپان جي سفير متسوهيرو وادا، وائيس چيئرمين ٽويوٽا انڊس موٽرز شن جي يناجي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پا??ستان جاپان کي پنهنجي ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ اهم حصيدار جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پا??ستان ۾ جاپاني ڪمپنين جي لاءِ سيڙڪاري جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته پا??ستان ۾ ٽويوٽا جي مقامي سطح تي هائبرڊ گاڏين جي پيداوار خوش آئنده آهي، پا??ستان ۾ هائبرڊ گاڏين جي پيداوار سان ٻارڻ جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي سان قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ صنعتن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، پا??ستان جي انجنيئرنگ جي شعبي جي صلاحيت مان فائدو کڻي اسپيئر پارٽس جي برآمدات کي وڌايو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا انڊس موٽرز 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان پا??ستان ۾ پهريون ??ير?? هائبرڊ گاڏين جو يونٽ قائم ڪيو آهي جيڪو جلد پيداوار شروع ڪندو. ملاقات ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا انڊس موٽرز جولاءِ کان آٽو اسپيئر پارٽس جي برآمد شروع ڪري رهي آهي، ان قدم سان پا??ستان گاڏين جي اسپيئر پارٽس جي عالمي سپلائي چين ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهندو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۾ انجنيئرنگ جي شعبي جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي وڌ کان وڌ آٽو اسپيئر پارٽس جي برآمد جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته يقيني بڻايو وڃي ته پا??ستان ۾ وڪرو ڪئي ويندڙ گاڏين ۾ پارٽس جي اڪثريت مقامي طور تي تيار ٿيل هجي. جاپاني سفير چيو ته جاپان جون وڏيون ڪمپنيون پا??ستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جون خواهشمند آهن. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. جاپاني سفير وزيراعظم کي جاپان جي پا??ستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.