اسلام آباد – 08 – جون (اي ??ي ??ي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي، ننڍ?? آبادگارن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ معاشي ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ معاشي ٽيم وزيرا??ظم کي مالي سال 23 – 2022ع بابت اقتصادي سروي پيش ڪئي. وزيرا??ظم معاشي ٽيم جي گذريل هڪ سال جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گذريل حڪومت جي ننڍي معاشي چئلينجز ۽ تاريخي ٻوڏ جي باوجود معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيرا??ظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي. ننڍ?? آبادگارن کي اعليٰ معيار جو ٻج ۽ خودڪار زرعي مشينري سان ليس ڪيو ويندو. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ننڍ?? آبادگارن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪندڙ آبادگارن کي حڪومت انعام پڻ ڏيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا ۽ ناڻي واري وزارت جي اهلڪارن شرڪت ڪئي.