اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، حڪومت بلوچستان ۾ سي پيڪ جي ترقياتي منصوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، بلوچستان جو اصل اثاثو باصلاحيت بلوچ نوجوان آهن، حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ ليپ ٽاپس فراهم ڪندي. وزير??عظ?? آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان جعفر خان ??ند??خيل جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي 8 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جمال شاهه ڪاڪڙ، سردار يعقوب ناصر، آغا شاهه زيب دراني، عامر افضل ??ند??خيل، چوڌري نعيم، نصير اچڪزئي ۽ ظهير خان ڪاڪڙ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ خصوصي منصوبا شامل ڪرڻ تي وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيا.