اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??ير??ن جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن جي فروغ لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي ضرورت ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ير??ن جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ پاڪ ??ير??ن ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 مئي 2023ع تي پشين – مند سرحدي بازار جي گڏيل افتتاح جي موقعي تي ??ير??ن جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات جو حوالو ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سرحدي علائقن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ کنيل قدم پاڪ ??ير??ن گڏيل ترجيحن جا واضح ع??اس آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ان حوالي سان گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت ??هي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ??ير??ن جي صدر رئي??ي جي ”پاڙيسري سڀ کان اڳ“ جي پاليسي هڪ محفوظ، خوشحال ۽ هڪ ٻئي سان گڏيل ٺوس خطي جي حوالي سان سندس ويزن سان مڪمل طور تي هم آهنگ ??هي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ??ير??ن جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي وڌندڙ واق??ن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جي ??ير??ن سميت ٻين اسلامي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جي نفرت انگيز ڪاررواين جي خلاف هڪ متفقه موقف جو اظهار ڪرڻ گهرجي جنهن جو مقصد معاشرن ۽ برادرين جي اندر انتشار ۽ فرق جو ٻج ڇٽڻ ??هي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ??ير??ن لاڳاپا قيادت جي سطح تي متواتر مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون جي ترقي ۽ فروغ جي ضرورت ??هي.