گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ??المي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ذريعي حل ڪري. پاڪستا?? جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته والاريل علائقن ۾ لکين فلسطيني فوجي گهيراءُ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان ??جلاس جي سربراهي سعودي عرب، عرب ليگ، مصر ۽ اردن گڏيل طور ڪئي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ??ي به بامعنيٰ ۽ قابل عمل ڳالهيون فلسطيني عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهن ٿيون. پاڪستان هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ڌري?? جي وچ ۾ ڳالهي?? جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل جي جارحيت، فضائي حملا، بستي?? جي توسيع، فلسطيني?? جي بي دخلي ۽ بيت المقدس جي پائمالي جاري آهي. ڊگهي واري مدي واري پائيدار سياسي عمل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل پاران ??بادڪاري جا قدم آه?? جيڪا عالمي قانو?? جي خلاف ورزي آهي. جليل عباس جيلاني وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا اهي قدم ڳالهي?? جي لاءِ سازگار ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ??و ويزن وچ اوڀر جي سمورن ماڻه?? جي لاءِ مذهب، نسل ۽ قوميت کان قطعي نظر پائيدار امن آهي.