ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران چين جي خودمختيار صوبي سنڪيانگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو جتي هن سنڪيانگ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي سنڪيانگ يونيورسٽي جي صدر يائو ڪيانگ ۽ اڪيڊميا جي ميمبرن سندس استقبال ڪي??. ن??ران وزيراعظم اسڪالرز، محققين، تعليمي ماهرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪي??. ن??ران وزيراعظم چيو ته سندس سنڪيانگ جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن ۾ سنگ ميل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن گڏيل امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي هر طرح جي وقت ۽ حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. ن??ران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي حوالي سان سنڪيانگ جي اهميت کي اجاگر ڪندي قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي سنڪيانگ سان تاريخي رابطن جو ذڪر ڪيو. سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي حوالي سان ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم بنيادي ڍانچي جي ترقي، اقتصادي هم آهنگي، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، تعليمي مٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻنهي ملڪن جي ??وا?? جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سنڪيانگ سان حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن ۽ ??وا?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ شاگردن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي نوجوانن مان ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ ان دوستي ۽ ڀائيچاري کي و??يڪ مضبوط بڻائيندا. ان کان اڳ نگران وزيراعظم کي يونيورسٽي جي هسٽري ميوزيم ۾ 99 سال پراڻي سنڪيانگ يونيورسٽي جي تاريخ بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.