اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ??نگ موجب سپريم ڪورٽ آف پا??ستان جي حڪم تي چيف اليڪشن ڪمشنر آف پا??ستان سڪندر سلطان راجا اٽارني جنرل منصور عث??ان اعواڻ ۽ اليڪشن ڪميشن آف پا??ستان جي چئن ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ايندڙ عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر اليڪشن ڪميشن پاران تڪبندين ۽ چونڊن جي حوالي سان ڪيل اڳڀرائي کي ٻڌو. تفصيلي بحث کانپوءِ اجلاس ۾ متفقه طور تي ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.