اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ??ينداسين، پوري قوم دهشتگردي جي ان ناسور جي خاتمي لاءِ پن??نج?? سيڪيورٽي فورسز سان گ?? بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 14 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ??ينداسين، شهيدن ملڪ جي حفاظت جي خاطر پن??نج?? جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم کي پن??نج?? شهيدن تي فخر آهي، دهشتگردن جا اهڙا بزدلاڻا حملا پاڪستاني قوم ۽ ان جي رکوالن جا حوصلا ڪڏهن به ڪمزور نه ??ري سگهندا، پوري قوم دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پن??نج?? سيڪيورٽي فورسز سان گ?? بيٺل آهي.