اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ??ميت سڄي دنيا ۾ امن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ ڀرپور ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مس??حن سميت سمورن اقليتن کي اسلامي تعليم، قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن ۽ پاڪستان ??ي آئين موجب هڪ جهڙا حق حاصل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ايوان ??در ۾ ڪرسمس جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، اسلام آباد ۾ مقرر غيرملڪي سفارتڪارن ۽ مس??حي برادري جي مذهبي پيشوائن سميت مختلف مذهبن سان ??علق رکندڙ مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته رسول اڪرم ﷺ ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي امن جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن مس??حي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪرسمس اهو ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام امن جو عظيم پيمبر هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت منه??جي لاءِ اعزاز جوڳو آهي. هن چيو ته ڪو به مذهب انسانيت تي ظلم جي هرگز اجازت نه ٿو ڏي، دنيا مان ??لم جي خاتمي لاءِ سڀني ??ي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ترقي يافته قمون دنيا ۾ ٿيندڙ ظلم تي خاموش آهن، غزه ۾ مسجدن ۽ گرجاگهرن کي پڻ نشانو بڻايو پيو وڃي، هن دنيا تي زور ڏنو ته اها ظلم، ٽڪراءُ ۽ تشدد کان ??چي ۽ رواداري کي فروغ ڏي. صدر چيو ته دنيا ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي رهي آهي. غزه ۽ ٻين علائقن ۾ معصوم شهرين کي قتل عام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، غزه ۾ هيستائين عورتن ۽ ٻارن سميت 19 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مس??حي برادري جي مذهبي پيشوا پوپ ڪيترائي ڀيرا اهو مطالبو ورجايو ته ظلم کي ختم ٿيڻ گهرجي، اسلام انساني جان ??ي حرمت جو پرچار ڪري ٿو. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام پنه??جي پيروڪارن کي رواداري تي عمل ڪرڻ ۽ امن سان ??هڻ جي تلقين ڪئي آهي. صدر چيو ته مس??حي برادري به ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. اسان کي اتحاد ۽ ٻڌي کي فروغ ڏيڻ گهرجي، قائداعظم پاڪستان قائم ٿيڻ جي موقعي تي چيو هو ته اسان ??ڀ پاڪستاني آهيون ۽ ملڪ ۾ سمورن مذهبن سان واڳيل ماڻهن کي پنه??جي عقيدن تي هلڻ جي آزادي هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت ۾ مس??مانن ۽ ٻين اقليتن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته رياست مني پور ۾ تازو ئي 150 گرجا گهرن کي ساڙيو ويو. ان کان ??ڳ پنه??جي خطاب ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو ته سمورن نبين پنه??جي تعليم جي ذريعي دنيا کي امن، سلامتي ۽ محبت جو پيغام ڏنو. هن حضرت عيسيٰ عليه السلام کي محبت جو استعارو قرار ڏيندي چيو ته کيس مڃڻ کانسواءِ اسان ??و ايمان نا??ڪمل آهي. مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم گهرج آهي، سمورا مذهب امن ۽ رواداري جي ڳالهه ڪن ٿا. هن ڀارت ۾ اقليتن سان ??ڻوڻندڙ سلوڪ جو ذڪر ڪندي چيو ته رياست مني پور ۾ مس??حن سان ٿيندڙ ظلم تي پڙدو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان کي جڙانوالا واقعي جي آڙ ۾ بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي راولپنڊي/ اسلام آباد جي آرچ بشپ ڊاڪٽر جوزف ارشد چيو ته مس??حن پاڪستان ۾ امن جي فروغ ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي سميت ماڻهن جي سماجي ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. آرچ بسپ چيو ته ڪرسمس اسان کي ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام ڏي ٿو. هن چيو ته مس??حي برادري اڳتي به ملڪ ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي. بشپ آف لاهور نديم ڪامران ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ۾ چيو ته اسان کي دنيا کي امن ۽ سلامتي جو پيغام ڏيڻ گهرجي. صدر تقريب ۾ ٻين شرڪت ڪندڙن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو جنهن ۾ مختلف مذهبن سان ??علق رکندڙ مذهبي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻارن ڪرسمس جي مناسبت سان گيت پڻ ڳايا. مرڪزي روايت هلال ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد ۽ سينيٽر گرديپ سنگهه پڻ تقريب ۾ شريڪ ٿيا.