اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعيد احمد شيخ جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدردي??َ جو اظه??ر ڪندي چيو ته ماءُ دنيا جي انمول هستيءَ آهي جنه?? جو ڪو نعم البدل نه آهي. هن چيو ته والده جو لاڏاڻو اولاد جي لاءِ وڏو سانحو آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سعيد احمد شيخ جي خاندان جي ڏک ۾ ب??ابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعيد احمد شيخ جي والده مرحومه جي آخرت ج??ن منزلون آسان فرمائي. مرحومه جي روح کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.