اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان اسان جي آبادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن جي شموليت ۽ تعاون کانسواءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح ممڪن نه هئي. هو پاڪستان نيشنل يوٿ ڪنوينشن 2024ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. پا?? فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جو جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ لازوال قربانيون ڏنيون، پا?? فوج پوري لگ?? ۽ پيشيواراڻي مهارت سان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي. هن چيو ته پاڪستان جي ذميوار ??هري هجڻ جي ناطي اسان کي پاڪستان جي خل??ف پاڪستان جي دشمنن جي ڦهلايل پروپئ??نڊ?? کي رد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان قومي سلامتي جي ان اڀرندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري سگهن ٿا، ان چئلينج تي ان ئي وقت ضابطو آڻي سگهجي ٿو جڏهن نوجوان، دشمنن جي ڦهلايل پروپئ??نڊ?? کي رد ڪري رياست پاران فراهم ڪيل مستنند معلومات تي دارومدار ڪن.